لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نشي ۾ ڌت تي جهاز هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پائليٽ عصمت محمود جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Shaheen-Air-Line-Accident-Lahore

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نشي ۾ ڌت تي جهاز هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پائليٽ عصمت محمود جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

 لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جهاز حادثي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پائليٽ عصمت محمود کي پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته پائليٽ عصم محمود کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت، پوليس جي استدعا منظور ڪندي پائليٽ جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پائليٽ عصمت محمود جي وڪيل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ واري درخواست داخل ڪئي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جهاز جي ڪريشنگ ۾ دهشتگردي جا قلم ڪيئن ٿا شامل ڪري سگهجن.

عدالت، اهڙي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائڻ جو امڪان آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*