ڪراچي ۾ احتجاج دوران استادن کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ کپي ها:نثار کهڙو

Nisar-khoro-10-11

تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته ڪراچي ۾ احتجاج دوران استادن کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ کپي ها، استادن ڪڏهن به پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ناهن ڪيا، جعلي آءِ ڊيز رکندڙ استادن کي پگهارون جاري نٿيون ٿي سگهن.

لاڙڪاڻي جي لاهوري محلا ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پرائمري استادن کي احتجاج دوران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ کپي ها.

تعليم واري وزير چيو ته استادن کي احتجاج بدران پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ڪرڻ گهرجن، اسان ڪڏهن به استادن سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو.

هن چيو ته جعلي آءِ ڊي رکندڙ استادن کي پگهارون جاري نه ڪيون وينديون،سنڌ ۾ هڪ لک 43 هزار استادن جي بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي تصديق ڪئي وئي آهي، جيڪي استادن رهيل آهن، انهن کي به بايو ميٽرڪ ذريعي تصديق ڪرائڻ گهرجي.

نثار کهڙي چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن لاءِ نيئن ڀرتين تي پابندي لڳائي آهي، پابندي ختم ٿيڻ بعد تعليم کاتي جي خالي  پيل جايل تي ڀرتيون ڪيون وينديون.

نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي ٽن مهينن تائين حراست م رکڻ باوجود وڌيڪ رمانڊ ورتو ويو، رمانڊ جي گهٽا وڌيءَ واري معاملي تي واءَ ويلا ڪرڻ مناسب ناهي.

نثار کهڙي چيو ته وفاقي سرڪار ڀاڻ جي قيمت گهٽائي آبادگارن سان همدردي ڏيکاري ۽ سارين جو اگهه وڌائي ته سنڌ سرڪار به ساڻس گڏ هوندي.

نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن، پر پارٽي پاران اڃا تائين تبديل ٿيندڙ نالن جي انائونسمينٽ ناهي ڪئي وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*