شڪارپور ۾ چنگچي رڪشا ۾ آيل عورت سول جي گيٽ آڏو ٽن ٻارڙن کي جنم ڏنو

shikarpur

شڪارپور ۾ چنگچي رڪشا ۾ آيل عورت سول جي گيٽ آڏو ٽن ٻارڙن کي جنم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽرز موجب عورت ۽ ٽنهي ٻارڙن جي صحت نارمل آهي.

سول اسپتال ڪالوني جي رهواسڻ عورت سڪينه جعفري کي ڊليوري لاءِ چنگچي رڪشا ۾ سول اسپتال آندو ويو ته اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي هن ٽن جاڙن ٻارڙن کي جنم ڏئي ڇڏيو.

 ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته عورت سڪينه هڪ پٽ ۽ ٻن ڌيئرن کي جنم ڏنو آهي، عورت ۽ سندس ٽنهي ٻارڙن جي صحت نارمل آهي ۽ سندن حياتي کي ڪوبه خطرو ناهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*