جيستائين بلوچستان جا مسئلا حل نٿا ٿين، تيستائين راهداري منصوبي سميت ڪو به منصوبو قبول ناهي:اختر مينگل

akhtar-mengal

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته موجوده سرڪار ناانصافين جو نئون دور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ترقي جي نالي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ کي قبول نه ڪيو ويندو، جيستائين بلوچستان جا مسئلا حل نٿا ٿين، تيستائين راهداري منصوبي سميت ڪو به منصوبو قبول ناهي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري پنهنجي دور ۾ گم ٿيل ماڻهن واري معاملي کي کنيو هو پر موجوده سرڪار ان معاملي کي دٻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ترقي جي نالي تي بلوچ عوام کي اقليت ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي.

اختر مينگل الزام هنيو ته موجوده حڪومت، بلوچستان جي عوام سان ناانصافين جو نئون دور شروع ڪري ڇڏيو آهي، موجوده سرڪار اليڪشن کان اڳ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ اختر مينگل چيو ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ کين ڪو به منصوبو قبول ناهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*