سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود آبادگارن کي سارين جو 900 رپيا في مڻ اگهه نه مليو،آبادگارن جو احتجاج

abadgar

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود آبادگارن کي سارين جو 900 رپيا في مڻ اگهه نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته رائيس ملرز 9 سئو رپيا اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڪارخانا بند ڪري ڇڏيا، ڊي سي قمبر-شهدادڪوٽ انوار الحق چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو ويندو، سارين ۾ ناجائز ڪٽوتي ڪندڙ ۽ 900 رپيا اگهه نه ڏيندڙ رائيس ملرز خلاف ڪارروائي لاءِ ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي.

قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر پاران سارين جو اگهه 900 رپيا في مڻ  مقرر ڪرڻ توڙي گهميل سارين تي ڏيڍ کان 3 ڪلو تائين ڪٽجندڙ ڪڻتي تي بندش لاڳو ڪرڻ خلاف رائيس ملرز ۽ واپارين  احتجاج ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ رائيس ملرز۽ واپارين پاران سارين جي خريداري بندڪئي وئي هئي ۽ اڄ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 5 ئي ضلعن ۾ ملون بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب آبادگار ۽ هاري توڙي پورهيت تمام گهڻو پريشان آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌحڪومت سارين جو اگهه مقرر نه ڪيو آهي، جڏهن ته عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙن توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رائيس ملرز سارين جو اگهه 900 رپيا ڏيڻ بدران ڊي سي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو گرفتارين ۽ ملون سيل ڪرڻ وارين ڌمڪين کي برداشت نه ڪندا.

قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سي انوارالحق ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي قمبر-شهدادڪوٽ آهي، افغانستان نه آهي جو ڪنهن کان اجازت وٺڻي پوي، هر صورت ۾ عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرايو ويندو.

هن چيو ته  سارين جي ڪٽوتي ڪندڙ ۽ آبادگارن کان 900 رپيا في مڻ ساريون نه خريد ڪندڙ رائيس ملرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪمند جي اگهه تي پڻ عملدرآمد ڪرايو ويندو.

ڳڙهي خيروي ۾  سموريون رائيس ملون بند ڪري مل مالڪن مير محبوب علي جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمالي مل جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

رائيس ملون بند هئڻ خلاف لالورائنڪ ۾ آبادگارن سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري لاڙڪاڻو، وارهه روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي تي آبادگار دربان چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته رائيس ملرز پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن، پر انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي.

هنن چيو ته سارين جي خريداري رڪي وڃڻ ڪري آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ملرز عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ملون بند ڪندڙ مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

ڪنڌڪوٽ ۾ هاري ڪميٽي جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحفيظ چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم  جو رليف پيڪيج آبادگارن جي زخمن تي لوڻ هارڻ جي برابر آهي.

هن چيو ته عدالت پاران سارين جو 900 رپيا اگهه مقرر باوجود جي اڃا تائين رائيس ملرز ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪا نا انصافي آهي.

 عبدالحفيظ چانڊيو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو ته سڀاڻي انڊس هاءِ وي تي ملز مالڪن جي زيادتي خلاف  ڌرڻو هنيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*