سکر ۾ فيملي پارڪ واري علائقي ۾ پوليس سان مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

sukkur-police

سکر ۾ فيملي پارڪ واري علائقي ۾ پوليس سان مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽2 فرار ٿي ويا، پوليس چيو آهي ته مارجي ويل ڦورو جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

فيملي پارڪ واري علائقي ۾ ڦورن جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس پهتي تي هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو ۽ 2 فرار ٿي ويا.

پوليس زخمي ڦورو کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب، مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*