ڪراچي جي چاڪيواڙي واري علائقي ۾ ڦر دوران مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا

karachipolice26-8

ڪراچي جي چاڪيواڙي واري علائقي ۾ ڦر دوران مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڦورو فرار ٿي ويو آهي.

پوليس موجب لياري جي چاڪيواڙي واري علائقي ۾ ڦورو رستي ويندڙ شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا ته گشتي پوليس پهچي وئي.

ڦورن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جواب ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڦورو فرار ٿي ويو.

پوليس سان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنهي ڦورن جا لاش اسپتال آندا ويا، جڏهن ته انهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب مارجي ويل ٻنهي ڦورن وٽان شهرين کان ڦر ٿيل سامان ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*