مٽياري ويجهو پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب شاگرد معجزاڻي طور بچي ويا

matiari-map

مٽياري ويجهو پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب شاگرد معجزاڻي طور بچي ويا، جڏهن ته ڪمري ۾ پيل سمورو فرنيچر ٽٽي پيو.

اڏيرو لال ۾ پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، شاگرد اسڪول کان ٻاهر هئڻ ڪري معجزاڻي طور بچي ويا.

اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ڪمري ۾پيل سمورو فنيچر ٽٽي پيو، جنهن کانپوءِ اسڪولي ٻارڙن کي موڪل ڏئي گهر اماڻيو ويو.

استادن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اسڪول جي مرمت لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ چيو ويو، پر اڃا تائين اسڪول جي مرمت ناهي ٿي سگهي.

هنن مطالبو ڪيو ته زبون حالي جو شڪار بڻيل اسڪول جي جلد مرمت ڪرائي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*