ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس پاران پيش ڪيل صفوران سانحي جي حتمي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس پاران پيش ڪيل صفوران سانحي جي حتمي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، عدالت دهشتگردن جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار  پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان منظم کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صفوران سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس سعد عزيز ۽ طاهر حسين سميت 8 جوابدارن جو حتمي چالان پيش ڪيو، جيڪو عدالت منظور ڪري ورتو.

صفوران سانحي ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته چالان ۾ 10 جوابدار مفرور ڄاڻايا ويا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان منظم کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*