امين فهيم جي سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري، پولنگ 18 جنوري تي چونڊ ٿيندي

magdom-ameen-fahim21-11

 پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر ۽ سروي جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، اين اي 218 مٽياري تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 18 جنوري تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 218 مٽياري تي ننڍي چونڊ لاءِ جاري ڪيل شيڊول موجب، ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم 10 ۽ 11 ڊسمبر تي جمع ڪرائي سگهبا، نامزدگي فارم 21 ڊسمبر تي اپيلون داخل ڪرائي سگهبيون ۽ انهن تي 23 ڊسمبر تي فيصلا ٻڌايا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار 28 ڊسمبر تائين هٿ کڻي سگهندا، جڏهن ته اميدوارن جي حتمي فهرست 29 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي.

اين اي 218 مٽياري تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ايندڙ سال جنوري مهيني جي 18 تاريخ تي ٿيندي.

 واضح رهي ته مخدوم امين فهيم ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*