ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪورنگي مان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج سميت 4 جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪورنگي مان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج سميت 4 جوابدارن  کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، رينجرز  موجب جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ، قتل، زمين تي قبضن ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهن.

رينجرز  ڪورنگي واري علائقي مان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج وسيم عرف شمع، اصغر يعقوب، ابراهيم ۽ محمد وسيم کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي 4جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ  رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ، قتل، زمين تي قبضن ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهن.

رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وسيم عرف شمع پوليس ۽ ٻين شهرين جي قتل ۾ ملوث آهي، جڏهن ته اصغر زمين تي قبضن ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهي.

رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اصغر شاهه فيصل ۽ ڪورنگي وارن علائقن ۾ هٿيار فراهم ڪندو هو، جڏهن ته ابراهيم ۽ وسيم قتل جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*