سوئي گيس جي اڳوڻي ايم ڊي زهير صديقي سميت 5 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

nab-logo-08

ڪراچي جي احتساب عدالت دهشتگردن جي مالي مدد جي الزم هيٺ گرفتار سوئي گيس جي اڳوڻي ايم ڊي زهير صديقي سميت 5 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب سوئي گيس جي اڳوڻي ايم ڊي زوهير صديقي ۽  اڳوڻي ڊپٽي ايم ڊي شعيب وارثي سميت 5 جوابدارن کي  احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت نيب جي درخواست تي 5 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جوابدارن تي دهشتگردن جي مالي مدد جو الزام آهي، جڏهن ته 5 جوابدار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جا ويجها ساٿي آهن.

نيب 5 جوابدارن کي گذريل ڏينهن جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو هو پر عدالت جوابدارن جو راهداري رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*