سنڌ ۾ سارين جو مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف ۽ ڊي سي قمبر جي حمايت ۾ قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪيا

abadgar-protest

سنڌ ۾ سارين جو مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف ۽  ڊي سي قمبر جي حمايت ۾ قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪيا.

قمبر ۾ آبادگارن محمد علي ڪلهوڙو، گل محمد جوڻيجو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ريلي ڪڍي شهداءَ چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

شهدادڪوٽ ۾  ڊي سي قمبر جي حمايت ۾ ۽ سارين جو مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن اسحال مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ٻئي پاسي آبادگارن حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ملز مالڪن خلاف نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته عدالتي حڪم تي ڊي سي قمبر، شهدادڪوٽ سارين جو خريداري اگهه 900 رپيا برقرار رکڻ لاءِ ملرز کي پابند ڪيو پر رائيس ملرز  پنهنجي هوڏ تي قائم آهن.

هنن چيو ته رائيس ملرز پاران ملون ڪرڻ سبب سارين جي آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سارين جو خريداري اگهه 900 رپيا وٺڻ لاءِ رائيس ملرز کي پابندي ڪري ملون کولرايون وڃن، ته جيئن آبادگار معاشي نقصان کان بچي سگهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*