ڪوٽڙي ۾ گذريل رات مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل جوابدار حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

kotri-hospital

ڪوٽڙي ۾ گذريل رات مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل جوابدار حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس تي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارڻ جو الزام هنيو آهي.

خانپور روڊ تي گذريل رات مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل جوابدار  عاشق بچو زخمن جي سٽ نه سهندي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

جوابدار جو مڙهه حيدرآباد کان ڪوٽڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن وارثن اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته ڪوٽڙي پوليس 3 ڏينهن اڳ نوجوان کي گرفتار ڪيو ۽ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن خانپور روڊ تي مقابلي دوران جوابدار عاشق بچو زخمي ٿيو هو ۽ جوابدار عاشق کوسو کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل ڏوهاري تي ڦرن ۽ ڌاڙن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جنهن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا هئا…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*