ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ٽائر تيار ڪندڙ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

karachi-fectory-fire

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ٽائر تيار ڪندڙ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو ، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو سامان سڙي ويو ۽ فائربرگيڊ جو هڪ ملازم زخمي ٿي پيو.

ڪورنگي واري علائقي ۾ چمڙا چورنگي ويجهو ٽائرن جي فيڪٽري کي باهه لڳڻ کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان 6 فائر برگيڊز کي طلب ڪيو ويو.

فائربرگيڊ عملي اڍائي ڪلاڪن  جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.

فيڪٽري کي لڳل باهه وسائڻ دوران فائربرگيڊ جو هڪ ملازم زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ باهه جا واقعا ۽ فائربرگيڊز جو واقعي واري هنڌ تي دير سان پهچڻ روز جو معمول بڻيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*