سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس ۾ ادبي ڪانفرنس جاري، ڀارت مان آيل ادبين جي شرڪت

bhitshah

سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، ان دوران عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ چئني صوبن سميت ڀارت مان آيل اديبن ۽ شاعرن شرڪت  ڪئي آهن.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي اڄ عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن جي صدارت ناليوارو اديب غلام علي الانا ڪندو، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ هند سميت ٻين صوبن مان اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي آهي.

عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ ڀارت کان آيل اديب هيرو ٺڪر، ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي، ڊينمارڪ مان صدف مرزا سميت تاج جويو ۽ ٻيا اديب شاعر ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن.

گذريل رات ٿيل راڳ رهاڻ  ۾ منظور سخيراڻي، احمد مغل، سجاد يوسف ۽ ٻين فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته سگهڙ ڪچهري ۾ سگهڙن مختلف صنفون ٻڌائي ڀٽ ڌڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي تي ملاکڙو ، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ٻيا پروگرام ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ميلي ۾ ثفافتي ڳوٺ ۽ صنعتي توڙي زرعي نمائش زائرين جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهن……………….

Comments

  1. PrinceAnees
    PrinceAnees 29 November, 2015, 11:42

    My like this news

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*