نوازشريف جي آمريت کان پرويز مشرف واري فوجي آمريت وڌيڪ بهتر آهي: عمران خان

imran-khan-tewet

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ مهم هلائڻ لاءِ ڪراچي پهچي رهيو آهي، عمران خان چيو آهي ته نواز شريف پوليس جو سياسي استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال ماڊل ٽائون سانحو آهي، نوازشريف جي آمريت کان پرويز مشرف واري فوجي آمريت وڌيڪ بهتر آهي.

 ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ چونڊ مهم جاري آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مهم هلائڻ لاءِ ڪجهه دير ۾ ڪراچي پهچي رهيو آهي.

 ڪراچي روانگي کان اڳ ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران پوليس جو سياسي استعمال ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته گذريل ڏينهن کيس  اسلام آباد ۾ جلسي ۾ شرڪت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي عوام سان مخاطب ٿيو.

عمران خان الزام هنيو ته وزيراعظم نواز شريف پوليس جو سياسي استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال ماڊل ٽائون سانحي ۾ بيگناهن جو قتل عام آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي آمريت کان پرويز مشرف واري فوجي آمريت وڌيڪ بهتر هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*