روس جي چڙيا گهر ۾ امر نالي چيتي ۽ تيمور نالي ٻڪر جي حقيقي دوستي سڀني کي وجهي ڇڏيو آهي اچرج ۾

goat

.شينهن ۽ ٻڪري جي گڏجي پاڻي پيئڻ جي چوڻي ته اسان سڀني آهي ٻڌي پر روس جي چڙيا گهر ۾ امر نالي چيتي ۽ تيمور نالي ٻڪر  جي حقيقي دوستي سڀني کي وجهي ڇڏيو آهي اچرج ۾….  روس جي پيرمورسڪي سفاري پارڪ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان امر چيتي ۽ تيمور ٻڪر کي برف تي گڏ ڏٺو ويو آهي گهمندي…. نه رڳو ايترو پر تيمور ٻڪرو ته سمهي به امر چيتي جي ئي  شيلٽر ۾ ۽ چيتو وري ان جي ڇت تي سندس گارڊ جا فرض نڀائي ٿو….ڪو تيمور جي ويجهو وڃي ته چيتو ان تي حملو ڪرڻ لاءِ هوندو آهي تيار….آهي نه مزي جي ڳالهه……ناياب چيتن جي افزائش لاءِ جوڙيل سفاري پارڪ جي ملازمن کي به اهي منظر ڏسي وٺي وئي آهي اچرج…. سندن چوڻ آهي ته چيتو عام طور تي زنده ٻڪرن ۽ چوهن کي بيرحمي سان کائيندو آهي، تيمور ٻڪر کي به ان ئي مقصد لاءِ ويو هو ڇڏيو، پر چيتي جي ٿي وئي آهي ساڻس دوستي … هاڻي انتظاميه ٻنهي کي کاڌ خوراڪ ڪري ٿي فراهم ان اميد سان ته هن دوستي برقرار رهندي ۽ ان جي پڄاڻي رتوڇاڻ سان نه ٿيندي….انڪري ئي ته سڀ کين امر ۽ بهادر تيمور جي نالن سان سڏين ٿا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*