ڪراچي آپريشن تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جا خدشا ختم ڪيا ويندا:وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

chu-nisar-04

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڪراچي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جا خدشا ختم ڪيا ويندا، ڊاڪٽر عاصم بابت رينجرز جي رپورٽ ملي وئي آهي، ان حوالي سان خاطري ڪرايان ٿو ته فيصلو قانون موجب ڪيو ويندو.

 واهه ڪينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪراچي آپريشن وفاقي حڪومت پاڻمرادو نه پر سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شروع ڪيو هو، جنهن ۾ پيپيلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻيون سڀ جماعتون شامل هيون.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن جا نتيجا بهتر اچي رهيا آهن، 2013 ۽ هاڻي واري ڪراچي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، گهرو وزارت ڪراچي آپريشن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهي آهي.

 چوڌري نثار چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ هن اڳ ئي تيزي جو اعلان ڪيو هو پر رينجرز اهلڪارن جي شهادت بعد آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي آهي، پاڪستان ۾ روايت آهي ته ڪنهن به سٺي ڪم جي ڪا به تعريف ناهي ڪئي ويندي، هميشه تنقيد ٿيندي آهي.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي آپريشن تي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا خدشا آهن ته اهي ختم ڪيا ويندا.

ڊاڪٽر عاصم بابت سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته هو ان معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهائيندو، کيس رينجرز جي رپورٽ ملي وئي آهي، هو خاطري ڪرائي ٿو ته ڊاڪٽر عاصم واري معاملي قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*