سنڌ حڪومت 3 کان 4 سئو ارب رپين جي باقيدار آهي: عابد شير علي

Abid Sher Ali

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ حڪومت 3 کان 4 سئو ارب رپين جي باقيدار آهي، صوبي جي وڏين مڇين ۾ هٿ وجهڻ لاءِ وزيراعظم نوازشريف کان منظوري گهري آهي، بجليءَ جي سڀ کان وڌيڪ چوري، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ٿي رهي آهي، رينجرز جي مدد سان 80 ڪروڙ رپين جي اوڳاڙي ڪئي اٿئون.

 لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته سنڌ حڪومت ڏانهن بجلي جي مد ۾ 3 کان 4 کرب رپين جون رهتون رهيل آهن، جيڪي اڃا تائين ادا ناهن ڪيون.

هن چيو ته سنڌ ۾ وڏين مڇين تي هٿ وڌو ويندو پر ان لاءِ وزيراعظم نواز شريف کان منظوري گهري آهي.

عابد شير علي الزام هنيو ته سڀ کان وڌيڪ بجلي چوري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ٿي رهي آهي،  وفاقي سرڪار رينجرز جي مدد سان 80 ڪروڙ رپين جي اوڳاڙي ڪئي آهي، اڳتي به رينجرز جي مدد حاصل ڪئي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عابد شير علي چيو ته نندي پور پاور پراجيڪٽ کي اجايو تنقيد ڪئي پئي وڃي، منصوبي ۾ ڪرپشن ڪندڙ صاف ۽ پاڪ بڻيون ويٺل آهن، حڪومت اربين رپين جي ٻڏندڙ منصوبي کي ٻيهر بحال ڪيو آهي.

لاهور جي بجلي جي فراهمي ڪندڙ ليسڪو جي نجڪاري بابت سوال جي جواب ۾ عابد شير علي چيو ته جيڪڏهن ڪنڊا سسٽم گهٽ ٿي وڃي ته نجڪاري نه ڪئي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*