شڪارپور جي سول اسپتال جي گيٽ تي گذريل ڏينهن ٽن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ خانپور واسڻ عورت سڪينه جون 2 ڌيئر فوت ٿي ويون

shikarpur

شڪارپور جي سول اسپتال جي گيٽ تي گذريل ڏينهن ٽن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ خانپور واسڻ عورت سڪينه جون 2 ڌيئر فوت ٿي ويون، وارثن احتجاج ڪندي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

شڪارپور جي سول اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي اسپتال جي گيٽ تي هڪ پٽ ۽ ٻن ڌيئرن کي جنم ڏيندڙ عورت سڪينه جعفري جون 2 ڌيئر ڪمذوري سبب فوت ٿي ويون.

عورت جي وارثن احتجاج ڪندي شڪارپور جي سول اسپتال جي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اسپتال جي ڊاڪٽرز عورت ۽ ان جي ٽنهي ٻارڙن کي صحتمند قرار ڏئي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

هنن چيو ته ڊاڪٽرز عورت ۽ ٻارڙن  جي علاج لاءِ واڌو فيس طلب ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ تي هنن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪندي کين اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته عورت ۽ ٻارڙن جو علاج نه ڪندڙ ڊاڪٽرز خلاف سخت ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*