اليڪشن ڪميشن:انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ ۽ رينجرز کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

election-commication-karach

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي دوران ڪراچي جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ ۽ رينجرز کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پولنگ واري ڏهاڙي پريزائيڊنگ آفيسرز کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ وارا اختيار حاصل هوندا.

ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي صوبائي آفيس ۾ سيڪريٽري بابر يعقوب جي صدارت هيٺ اجلاس دوران چونڊ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن، ڊي آءِ اوز ۽ آر اوز شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 17 سئو 91 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي پولنگ اسٽيشنز جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن ٻڌايو چونڊن جي موقعي تي پاڪ فوج جو 20 ڪمپنيز شهر ۾ مقرر هونديون، جن مان 6 ڏکڻ، 7 اوڀر ۽ 7 اولهه ضلعن ۾ ڊيوٽي ڪنديون.

هن چيو ته شهر ۾ 21 سئو 16 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 234  پولنگ اسٽيشنز کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.

بابر يعقوب چيو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي پوليس جا 7، حساس پولنگ اسٽيشنز تي 6 ۽ نارمل پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار ڊيوٽي ڪندا.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته رينجرز جا 7 هزار 400 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ۽ رينجرز کي مئجسٽريٽ جا اختيار حاصل هوندا.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته لائنز ايريا، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني، گلستان جوهر، ابراهيم حيدري، گهاس منڊي، کوکرا پار ۽ لياري کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڊي آر اوز ٻين صوبن مان گهرايا ويا آهن ۽ سنڌ سرڪار کي چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ هٿيارن جا لائسنس معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*