پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوم تاسيس جي رٿيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ اڄ ملير پهچي رهيو آهي

bilawal

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوم تاسيس جي رٿيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ اڄ ملير پهچي رهيو آهي، ميمڻ ڳوٺ ۾ خصوصي هيلي پيڊ تيار ڪري سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايم سي انتظاميا پاران صفائيءَ وارو عمل به جاري آهي.

پيپلز پارٽي پاران 48هين يوم تاسيس تي ميمڻ ڳوٺ جي فٽبال گرائونڊ ۾ جلسو رکيو ويو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو منجهند 3 وڳي ملير پهچندو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي فٽبال گرائونڊ ڀرسان هيلي پيڊ تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جلسيگاهه ۾ 2 اسٽيج تيار ڪيا ويا آهن، جن مان هڪ خصوصي طور تي بلاول ڀٽو زرداري لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

ميمڻ ڳوٺ جي روڊ رستن کي پارٽي جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي، پ پ ايم پي اَي ساجد جوکئَي، سلمان عبدالله مراد ۽ راجا رزاق سميت ٻين جلسيگاهه پهچي انتظامن جو جائزو ورتو.

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر نجيب ۽ رينجرز آفيسرن به جلسيگاهه پهچي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جي يوم تاسيس جلسي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.

ڊي ايم سي ملير ۽ ضلعي ڪائونسل انتظاميا به بلاول ڀٽو زرداري جي آمد سبب ميمڻ ڳوٺ ۾ صفائي سٿرائيءَ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*