ون ڊي اسڪواڊ ۾ شموليت تي خوشي ٿي آهي اڳوڻو ڪپتان يونس خان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته کيس ون ڊي اسڪواڊ ۾ شموليت تي خوشي ٿي آهي ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته نيوزيلينڊ جي سيريز بعد ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته سندس خوائش آهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٽين پوزيشن تي بيٽنگ ڪري.

37ورهين جي اسٽار بيٽسمين يونس خان کي سليڪشن ڪميٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي امڪاني 30 رانديگرن ۾ شامل ڪيو آهي.

خراب فارم سبب يونس خان 17 مهينن دوران صرف هڪ ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي،جيڪا آگسٽ ۾ سريلنڪن ٽيم خلاف خلاف کيڏي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن کان هن ون ڊي ڪرڪيٽ ميچز ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪئي آهي ته سندس بيٽنگ نمبرز ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن پر سندس خوائش آهي ته هو هاڻي ٽين پوزيشن تي بيٽنگ ڪري.

يونس خان جو چوڻ هو ته هو گهڻُو پر اميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*