”جو کيڙي سو کائي“ جو نظريو ڏيدڙ صوفي شهيد شاهه عنايت جي سالياني 307هين عرس جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جهوڪ شريف ۾ جاري

sufi-inyat

”جو کيڙي سو کائي“ جو نظريو ڏيدڙ صوفي شهيد شاهه عنايت جي سالياني 307هين عرس جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جهوڪ شريف ۾ جاري آهن، ٻئي ڏينهن تي سماءَ واري رسم ادا ڪئي ويندي ۽ صوفياڻي ڪچهري سميت راڳ رنگ جي محفل ٿيندي.

جهوڪ شريف ۾ صوفي بزرگ شاهه عنايت جي سالياني عرس جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن.

پهرين ڏينهن وارين تقريبن ۾ قصر قلندر تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ شفيع فقير، سهڻو فقير ۽ ٻين صوفياڻي راڳ جي سُرن جي ورکا ڪئي.

ميلي جي موقعي تي  درگاهه آڏو ٺهيل سر مبارڪ واري هنڌ تي سماءَ واري رسم به ادا ڪئي وئي، جنهن دوران بنا ساز ۽ سوز جي صوفياڻو راڳ ڳايو ويو.

ميلي جي ٻئي ڏينهن واري تقريبن دوران سماءَ واري رسم ٿيندي، جنهن ۾ بنا ساز ۽ سوزجي صوفياڻو راڳ ڳايو ويندو ۽ صوفياڻي ڪچهري سميت رات جي وقت صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*