ماحوليات بابت گڏيل قومن جي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي پيرس ۾ ريلي

climant-chang

ماحوليات بابت گڏيل قومن جي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي پيرس سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ عالمي اڳواڻن پاران عملي قدم نه کڻڻ خلاف احتجاج ۽ ريليز جو سلسلو جاري آهي، پيرس ۾ احتجاج دوران پوليس پاران مظاهرين تي شيلنگ ڪرڻ بعد 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پيرس ۾ 2 لک ماڻهن جو احتجاج رٿيل هو پر فرانس حڪومت سڪيورٽي خدشن سبب اڳ ئي احتجاجي مظاهرن تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي، جنهنڪري ڪو وڏو مظاهرو ته نه ٿي سگهيو پر احتجاج واري رستي تي 10 هزار ماڻهن انساني زنجير ٺاهي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

احتجاج تي پابندي سبب ماحوليات لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم آواز پاران پيرس جي پليس ڊي لا ريپبلڪ چوڪ تي 10 هزار جوتا ٽنگي ماحولياتي تبديلي کي روڪڻ وارن منصوبن تي عمل جو مطالبو ڪيو.هن انوکي احتجاج لاءِ پوپ فرانسس ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون شوبز سان لاڳاپيل شخصيتن به پنهنجا جوتا عطيو ڪيا آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته احتجاج مقصد عالمي اڳواڻن تي واضح ڪرڻ هو ته سڄي دنيا جا شهري سجاڳ آهن ۽ ماحولياتي مقصد ڪنهن هڪ فرد جو نه آهي پر سڀني جو اجتماعي مسئلو آهي، ڇڪاڻ ته اسان سڀ هڪ ئي ٻيڙي زمين جا سوار آهيون.

پيرس کانسواءِ دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، سڊني ۾ 45 هزار ماڻهن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، لنڊن، اٿينز، ميڊرڊ، نيويارڪ، سنتياگو، ليما ۽ ٻين شهرن ۾ به ماحولياتي گدلاڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*