سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا شاهزيب قتل ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ شاهه رخ جتوئي جي نظرثاني واري درخواست ٻڌڻ کان انڪار

Sindh-hight-Court-01

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا شاهزيب قتل ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ شاهه رخ جتوئي جي نظرثاني واري درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ڪارروائي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل موجب سزا وقت شاهه رخ جي عمر 18 سال کان گهٽ هئي، تنهنڪري سندس ڪيس جووِينَائِل ايڪٽ تحت هلايو وڃي.

شاهزيب قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ڪاٽيندڙ شاهه رخ جتوئي پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثانيءَ واري درخواست داخل ڪرائي هئي.

درخواستگذار جي وڪيل موجب شاهه رخ جتوئي کي موت جي سزا ٻڌائڻ وقت سندس عمر 18 سال کان گهٽ هئي، تنهنڪري سندس ڪيس جووينائل ايڪٽ تحت هلايو وڃي.

جسٽس ڪي ڪي آغا، شاهه رخ جتوئي جي نظرثاني واري درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ڪارروائي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته 25 ڊسمبر 2012 تي ڊفينس واري علائقي ۾ شاهزيب مارجي ويو هو، جنهن ڪيس ۾ نامزد شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي عدالت 7 جون 2013ع تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

سيپٽمبر 2013ع ۾ شاهزيب جي پيءُ اورنگزيب ۽ ماءُ عنبرين پاران جوابدارن کي معاف ڪرڻ بعد ڌرين راضي نامي واري درخواست داخل ڪرائي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي راضي نامي تي عملدرآمد روڪرائي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*