وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن دوران اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي

vote-costing-BD

وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن دوران اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي نظر آئي آهي، ڪٿي اميدوارن جا چونڊ نشان غلط نڪتا ته وري ڪٿي پولنگ دير سان شروع شروع ٿيڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون.

ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيري اسلام آباد ۾ جاري مڪاني چونڊن دوران سياسي گهما گهمي نظر اچي رهي آهي، اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي خلاف احتجاج ڪيو آهي.

يوسي 30 جي هڪ پولنگ اسٽيشنز تي حڪمران جماعت نواز ليگ اڳواڻ ظفر علي شاهه جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، جنهن دوران مڇريل ڪارڪنن هڪٻئي جي هٿين پئجي ويا.

يوسي 6 جي پــــــُـل  گران اسٽيشنز تي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سان واسطو رکندڙ عورت ووٽرز ۾ منهن ماري ٿي، جنهن دوران هڪٻئي خلاف نعرا هنيا ويا.

اهڙي ريت اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ عمل دير سان شروع ٿيڻ ۽ اميدارن جا چونڊ نشان غلط هئڻ بابت به ڪيتريون شڪايتون ڪيون ويون آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*