ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران 13 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ ۾تياريون زور ۽ شور سان جاري

Ektaday 2015

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران 13 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ ۾تياريون زور ۽ شور سان جاري آهي، اوٻاوڙو ۽ ٺل ۾ ايڪتا مچ ڪچهريون منعقد ڪري شاعري ۽ راڳ رهاڻ ڪئي وئي.

اوٻاوڙو جي ڳوٺ حاجي عبدالرحيم ڀارو ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان مچ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ فنڪار عجب جلال، نور محمد ابڙو، ذوالفقار غوري ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو.

ايڪتا مچ ڪچهري ۾ شاعرن ۽ اديبن سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي مشاعرو ڪري سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي، مچ ڪچهري ۾ علائقي جي  سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ٺل جي سول اسپتال ڀرسان به ايڪتا مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سوگهڙن، جوڳين ۽ فنڪارن رهاڻ رچائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

سگهڙن، اديبن ۽ شاعرن جو چوڻ هو ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين 13 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سنڌ واسين کي ايڪتا جي ڏور ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته 13 ڊسمبر تي پوري سنڌ جا ماڻهو ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائي پنهنجي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪندا……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*