ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلن، ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري الزام هيٺ جوابدار شاهد بڪڪ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلن، ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري الزام هيٺ جوابدار شاهد بڪڪ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 21 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس مقابلن، ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ گينگ وار جي جوابدار وقار کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جوابدار شاهد بڪڪ کي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي.

عدالت جوابدار شاهد بڪڪ جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 21 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

شاهد بڪڪ تي گلبهار ٿاڻي تي 4 ڪيس داخل آهن، مٿس ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل ۽ پوليس تي حملن سميت ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*