نيوٽرل امپائرن جي ضرورت آهي، اهڙا امپائر نه کپن، جيڪي رڳو هڪ پارٽي کي کٽرائين:عمران خان

imran-khan-islamabad

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان يوسي 23 موهڙه نور پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته عوام بيوقوف ناهي، اليڪشن ڪميشن هڪ پارٽي جا هٿ ٻڌي ٻي کي کليل ڇوٽ ڏئي رهي آهي، کين نيوٽرل امپائرن جي ضرورت آهي، اهڙا امپائر نه کپن، جيڪي رڳو هڪ پارٽي کي کٽرائين.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني گالا ويجهو يوسي 23 تي قائم  موهڙه نور پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سندس شاندار آجيان ڪئي.

ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مڪاني چونڊون جمهوري عمل جو حصو آهن پر مهم هلائڻ تي رڳو هڪ پارٽي خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.

هـُن اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته 2013 جي اليڪشن دوران اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپر غلط ڇاپيا ويا، ڇا ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي.

عمران خان چيو ته وزيراعظم نوازشريف مختلف علائقن جا دورا ڪري پئڪيجز جو اعلان ڪري رهيو آهي پر پي ٽي آءِ  خلاف جلسن ۽ ريلين تي ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، اهڙين ناانصافين تي عوام جو رد عمل ضرور ايندو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه وڌيڪ چيو ته اين اي 122 تي ٻيهر ننڍي چونڊ دوران به ووٽر لسٽون تبديل ڪيون ويون،  عوام صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ ترسي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي هاڻي غير جانبداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته هڪ پارٽي جا هٿ ٻڌي ٻي جماعت کي کليل ڇوٽ ڏني پئي وڃي، کين اهڙا امپائر گهرجن، جيڪي نيوٽرل هجن، هڪ پارٽي جي حمايت ڪندڙ امپائرز جي ضرورت ناهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*