ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ شاهپور چاڪر جي تاريخي قبرستان مير شهداد جا قبا جو دورو ڪري آثارن جو معائنو ڪيو

dc

ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ شاهپور چاڪر جي تاريخي قبرستان مير شهداد  جا قبا جو دورو ڪري آثارن جو معائنو ڪيو، ڊي سي سانگهڙ جو چوڻ هو ته آثارن جي سار سنڀال  لاءِ سنڌ سرڪار کي سفارش ڪئي ويندي.

ڊي سي سانگهڙ عمر فاروق بلو ۽ ثقافت کاتي جي سهڪار سان جوڙيل ٽيم سان گڏ شاهپور چاڪر پهچي 3 سئو سال پراڻي قبرستان مير شهداد جا قبا جو معائنو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائندي ڊي سي سانگهڙ جو چوڻ هو ته قديمي ماڳ قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن، جنهن تي قومن تي فخر هوندو آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار  قديمي ماڳن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ذريعي ماڳن جو معائنو ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي.

ڊي سي سانگهڙ وڌيڪ چيو ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ وارو اعلان  ساراهه جوڳو عمل آهي، ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت ۽ ايڪتا کي وڌيڪ هٿي ملي ملندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*