ٺٽي ۾ جهنگلي جيوت کاتي ڪينجهر ڍنڍ جي علي بحر مياڻ وٽ ڪارروائي ڪندي شڪار ڪيل 45 پکي هٿ ڪري ورتا

brides

ٺٽي ۾ جهنگلي جيوت کاتي ڪينجهر ڍنڍ جي علي بحر مياڻ وٽ ڪارروائي ڪندي شڪار ڪيل 45 پکي هٿ ڪري ورتا آهن، عملدارن جو چوڻ آهي ته غير قانوني پکين جي شڪار ۽ ڊيوٽي ٽڪاءَ جو ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

جهنگلي جيوت کاتي ريڊ ٽيم پارٽي جي انچارج رشيد احمد جي اڳواڻي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي علي بحر مياڻ وٽ ڪارروائي ڪري غير قانوني طور شڪار ڪيل 45 پکي هٿ ڪري ورتا آهن.

عملدار جو چوڻ آهي ته شڪار ڪندڙ ٻن ڄڻن کي پڪڙيو ويو پر علائقي واسين انهن کي ڇڏائي ورتو آهي.

عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شڪاري ڄار ذريعي پکين جو شڪار ڪري رهيا هئا، هٿ آيل پکين ۾ هاڙهي ۽ نيرڳي شامل آهن.

عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته غير قانوني شڪار ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ٻن ڄڻن خلاف ڪينجهر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*