راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سپر ماڊل ايان علي کي پاسپورٽ حوالي ڪرڻ کان اڳ لکت واري بيان مان غلطيون ختم ڪري ٻيهر بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ayan-ali

 راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سپر ماڊل ايان علي کي پاسپورٽ حوالي ڪرڻ کان اڳ لکت واري بيان مان غلطيون ختم ڪري ٻيهر بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جج راڻا آفتاب آڏو سپر ماڊل ايان علي پنهنجي ضمانتن سان گڏ پيش ٿي 20 لک رپين جا ٻه-ٻه ضمانتي مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرايا.

 عدالت ايان علي جي ضمانتي مچلڪن جي ڇنڊڇاڻ بعد کيس لکت واري بيان مان غلطيون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪسٽم عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته هو ڏچي ۾ اچي ويو آهي، نه پنهنجي لاءِ  مسئلا پيدا ڪيا وڃن ۽ نه ئي هن لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪيو وڃي.

لکت واري بيان ۾ غلطي هئڻ سبب ايان علي کي پاسپورٽ حوالي ڪرڻ وارو معاملو هڪ ڀيرو وري دير جو شڪار ٿي ويو آهي.

گذريل ٽن پيشين تي ايان علي کي پاسپورٽ ناهي ملي سگهيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*