چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو

elecation-cammication

چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري چونڊ عمل لاءِ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا اسلام آباد جي ايف ٽين ۽ ٻين علائقن ۾ مڪاني چونڊن دوران مردن ۽ عورتن لاءِ قائم ڪيل ڌار ڌار پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي انتظامن بابت بريفنگ ڏني، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر اطمينان جو اظهار ڪيو.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر فتح محمد يعقوب به مختلف پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته هر ووٽر کي آزاداڻي نموني سان پنهنجو حق استعمال ڪري سگهي ٿو،  ڪٿان به پولنگ دير سان شروع ٿيڻ جون شڪايتون ناهن مليون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*