عدالتون ڊاڪٽر عاصم کي قانون موجب سزا ڏين ٿيون ته ڪو اعتراض نه هوندو: سينيٽر سعيد غني

dr-asam-new30-11-15

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج ڊاڪٽر عاصم کي وڌيڪ هڪ هفتي جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت نيب کي به ڊاڪٽر عاصم کان پڇاڳاڇا جي اجازت ڏئي ڇڏي، ضياءُ الدين اسپتال جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ستار جڊيشل ماجسٽريٽ سينٽرل آڏو 164وارو بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جي هدايتن تي متحده، جهادي تنظيمن ۽ لياري گينگ وار جي 28 زخمي دهشتگردن جو رعايتي اگهن تي علاج ڪيو ويو.

سنڌ سرڪار  ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ کي ڪيس کان ڌار ڪري ڇڏيو، رينجرز جو لا آفيسر مشتاق جهانگيري ڪيس لاءِ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر، شهادت اعواڻ پاران فيصلي بابت لاعلمي جي اظهار بعد عدالت کيس سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو، شهادت اعواڻ جو چوڻ آهي ته جاچ آفيسر زخمي دهشتگردن جي علاج بابت تفصيلن واري رپورٽ مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ عدالت ۾ پيش ڪئي آهي..

زخمي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ نامزد متحده اڳواڻ رئوف صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي ورتي، ايف آءِ آر ۾ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل، متحده اڳواڻن سليم شهزاد، انيس قائم خاني ۽ وسيم اختر جا نالا به شامل آهن..

پيپلزپارٽي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري واري طريقيڪار تي خدشا هئا، عدالتون قانون موجب کيس سزا ڏين ٿيون ته ڪو اعتراض نه هوندو: سينيٽر سعيد غني ۽ نجمي عالم چيو آهي ته مڪاني چونڊن دوران قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن کي بااختيار بڻائي پولنگ اسٽيشنز اندر مقرر ڪيو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*