ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيري وفاقي اسلام آباد ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ حڪمران جماعت نواز ليگ سوڀاري

nawaz-lig

ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيري وفاقي اسلام آباد ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ حڪمران جماعت نواز ليگ سوڀاري ٿي آهي، تحريڪ انصاف ٻئين نمبر تي برقرار آهي، 13 سيٽون آزاد اميدوار ٻهاري ويا آهن، جڏهن ته ميئر جي چونڊ لاءِ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائڻ شروع ڇڏيا آهن.

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، حڪمران جماعت نواز ليگ 50 سيٽن مان 21 سيٽس تي ميدان ماري ورتو آهي.

غير سرڪاري نتيجن موجب، يوسيز چيئرمين شپ لاءِ تحريڪ انصاف جا 16 ۽ 13 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

گادي واري شهر جي 50 يوسز تي ڪرايل مڪاني چونڊ ۾  650 سيٽن لاءِ  ڪُل 23 هزار  96 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا.

شهر جي يوسي 30 تي نواز ليگ جو ميئر لاءِ اميدوار اڳوڻي سينيٽر ظفر علي شاهه کي تحريڪ انصاف جي عامر خان شڪست ڏئي سوڀ ماڻي، جڏهن ته يوسي يوسي 29 تي به  تحريڪ انصاف جي اميدوار خرم بختيار نواز ليگ اميدوار عمر زاهد ملڪ کي شڪست ڏني.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، يوسي 38 ۽ 50 تي تحريڪ انصاف جا اميدوار سوڀارا ٿيا آهن.

يوسي 26 ۽ يوسي 41 تي نواز ليگ جي سردار مهتاب خان  ۽ چوڌري الله دته مخالف اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

اسلام آباد مڪاني چونڊن ۾ يوسي 5 تي نواز ليگ جو اميدوار محمد واحد، يوسي 8 تي تحريڪ انصاف جو راجا خرم، يوسي 12  ۽ 14 تي آزاد اميدوار چوڌري اظهر ۽ چوڌري نديم ڪاميابي حاصل ڪئي.

غيرسرڪاري نتيجن موجب، يوسي 18 تي نواز ليگ جي اميدوار وسيم ثناالله ملڪ، يوسي 19 نواز ليگ اميدوار چوڌري ظهور ۽ يوسي 20 ۽ 21 تي تحريڪ انصاف جا اميدوار چوڌري خورشيد احمد ۽  ملڪ عامر ڪامياب ٿيا.

مڪاني چونڊن ۾ يوسي 22 تي نواز ليگ جو اميدوار چوڌري مطلوب، يوسي  42 ۽ يوسي 43 تي به نواز ليگ جي اميدوار  فرحان علي ۽ راڻا اشفاق سوڀ حاصل ڪئي.

گادي واري شهر ۾ ڪرايل مڪاني چونڊن ۾ يوسي 44 يوسي 45، يوسي 46  ۽ يوسي 47 تي به نواز ليگ اميدوارن محمد آفتاب، سيد سبط حسين، حفيظ الرحمان ۽ چوڌري واحد ايوب ڪاميابي ماڻي.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، يوسي 48 تي آزاد اميدوار اعظم خان ۽ يوسي 49 تي نواز ليگ جي  اميداور سيد ذيشان ڪاميابي ماڻي آهي.

اسلام آباد مڪاني چونڊن ۾ يوسي 23 تي آزاد اميدوار جميل کوکر، يوسي 24 تي نواز ليگ جي سيد ظهير ۽ يوسي 27 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار انجم شهزاد تنولي ڪاميابي ماڻي.

گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 21 يوسز تي حڪمران جماعت، تحريڪ انصاف 15 ۽ 14 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

هن وقت تائين آيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب يو سي 50 تي اڳوڻي ايم اين اي انجم عقيل جو سئوٽ طاهر محمود خان هارائي ويو، کيس تحريڪ انصاف جي شعيب خان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته يو سي 29 تي جهانگير ترين جي ڀيڻ سيمي ترين وائيس چيئرمين ۽ پرويز خٽڪ جو ڀائيٽيو عتيق الله خٽڪ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ميئر جي سيٽ تي بيٺل نواز ليگ اميدوار ظفر علي شاهه جي ناڪامي کانپوءِ حڪمران جماعت ۽ تحريڪ انصاف پنهنجو ميئر مقرر ڪرائڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور لڳائي رهيون آهن ۽ آزاد اميدوارن سان به رابطن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي………

ت ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

اسلام آباد مڪاني چونڊن ۾ يوسي 5 تي نواز ليگ جو اميدوار محمد واحد، يوسي 8 تي تحريڪ انصاف جو راجا خرم، يوسي 12  ۽ 14 تي آزاد اميدوار چوڌري اظهر ۽ چوڌري نديم ڪاميابي حاصل ڪئي.

غيرسرڪاري نتيجن موجب، يوسي 18 تي نواز ليگ جي اميدوار وسيم ثناالله ملڪ، يوسي 19 نواز ليگ اميدوار چوڌري ظهور ۽ يوسي 20 ۽ 21 تي تحريڪ انصاف جا اميدوار چوڌري خورشيد احمد ۽  ملڪ عامر ڪامياب ٿيا.

مڪاني چونڊن ۾ يوسي 22 تي نواز ليگ جو اميدوار چوڌري مطلوب، يوسي  42 ۽ يوسي 43 تي به نواز ليگ جي اميدوار  فرحان علي ۽ راڻا اشفاق سوڀ حاصل ڪئي.

گادي واري شهر ۾ ڪرايل مڪاني چونڊن ۾ يوسي 44 يوسي 45، يوسي 46  ۽ يوسي 47 تي به نواز ليگ اميدوارن محمد آفتاب، سيد سبط حسين، حفيظ الرحمان ۽ چوڌري واحد ايوب ڪاميابي ماڻي.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، يوسي 48 تي آزاد اميدوار اعظم خان ۽ يوسي 49 تي نواز ليگ جي  اميداور سيد ذيشان ڪاميابي ماڻي آهي.

اسلام آباد مڪاني چونڊن ۾ يوسي 23 تي آزاد اميدوار جميل کوکر، يوسي 24 تي نواز ليگ جي سيد ظهير ۽ يوسي 27 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار انجم شهزاد تنولي ڪاميابي ماڻي.

گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 21 يوسز تي حڪمران جماعت، تحريڪ انصاف 15 ۽ 14 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

هن وقت تائين آيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب يو سي 50 تي اڳوڻي ايم اين اي انجم عقيل جو سئوٽ طاهر محمود خان هارائي ويو، کيس تحريڪ انصاف جي شعيب خان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته يو سي 29 تي جهانگير ترين جي ڀيڻ سيمي ترين وائيس چيئرمين ۽ پرويز خٽڪ جو ڀائيٽيو عتيق الله خٽڪ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

جمهوريت جي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي راڄڌاني مان هڪ سيٽ ئي ناهي کڻي سگهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*