حڪومت آءِ ايم ايف کان 40 ارب رپيا وٺڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جو ٽيڪسز جي صورت ۾ نئون بم ڪيرائي ڇڏيو

 mini-budget

 حڪومت آءِ ايم ايف کان 40 ارب رپيا وٺڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جو ٽيڪسز جي صورت ۾ نئون بم ڪيرائي ڇڏيو، سگريٽ، فروٽس، گوشت، مڇي، ميڪ اپ ۽ موبائيل فون سميت 350 شين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

  نواز ليگ حڪومت هزارين شين تي تي نوان ٽيڪس مڙهي 40 ارب رپين جي ماليت جو مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير موجب، اي سي سي جي منظوري جي روشني ۾ هزارين امپورٽ ٿيندڙ شين ۾ ڊيوٽي تي هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، 350 شين تي 5 کان 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نوٽفيڪشن جو مالي اثر 40 ارب رپيا هوندو.

ناڻي کاتي موجب،350 درامدي شين تي 5 کان ڏهه سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي سان 9 ارب اضافي ٽيڪس حاصل ٿيندو، درآمدي شين تي هڪ سيڪڙو، ڪسٽم ڊيوٽي ۾ واڌ سان 21 ارب مهانگن سيگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 100 کان هڪ سئو رپيا واڌ سان 6ڏهائي 5 ارب، جڏهن ته درامدي شين استعمال شده پراڻين گاڏين تي 10 سيڪڙو واڌ سان 2 ڏهائي 5 ارب اضافي حاصل ٿيندا.

هڪ هزار کان سي سي کان مٿي 18سئو  سي سي جي درآمدي استعمال شده گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، باقي 8سئو سي سي کان هزار سي سي جي استعمال شده گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي پراڻي شرح برقرار رهندي.

اسحاق ڊار موجب، مهانگن سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مختلف شرح سان 13سئو 20 رپين مان وڌائي 14سئو 20 رپيا ڪئي وئي، جڏهن ته ٻي شرح مطابق 3هزار 30 رپين مان 3هزار هڪ سئو 25 رپيا ڪئي وئي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته رڳو استعمال شده درآمدي گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح وڌائي وئي آهي، انڪري مڪاني طور گاڏيون تيار ڪندڙن کي قيمتون وڌائڻ جي ضرورت ناهي.

 هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته وزير اعظم، صدر، جنرلز ۽ ججز توڙي وفاقي وزيرن کي آمدني تي ٽئڪس چوٽ رڳو فنانس بل ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿي.

ڊار موجب، سوئيزر لينڊ سان پاڪستان جي ٽئڪس چوري توڙي مني لانڊرنگ واري رقم جي واپسي جي حوالي سان معاهدي تي اڳڀرائي وارن معاملن ۾ سال لڳي ويندا آهن، جڏهن ته گذريل سال ايف بي آر ٽيم سيز اختيارين سان ڳالهيون ڪيون آهن.

نون ٽئڪس قدمن سان کير، ڏهي، مکڻ، فروٽ، پنير، ماکي، اليڪٽرونڪ شيون، فرنيچر، موبائيل فون ۽ عورتن جي ميڪ اپ جو سامان، شيمپو، درآمدي گاڏيون، سگريٽ، پرفيوم، منرل واٽر، ٽوٽ پيسٽ ۽ چاڪليٽ سميت ٻيون سوين شيون مهانگيون ٿي وينديون.

وفاقي حڪومت جن شين تي 5 سيڪڙو ريگيوليٽري لاڳو ڪئي آهي انهن شين جو انگ 46کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ ڏهي، مکڻ، ڊيري اسپريٽس، قدرتي ماکي، هر قسم جا پنير، پائن ايپلس، انب، نارنگيون، تازه ڪنون، ليما، صوف، مٽر، اسٽرابيري، هر قسم جون ٽايون، بسترا، ٽيبل، ٽوائليٽ ۽ ڪچن جي لينن، پردا، ٿيلها، بيگ ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

مني بجيٽ ذريعي ڪيترن ئي شين تي ڏهه سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، جن ۾ واٽر پروف، جوتا، قيمتي پٿر، زيور، گهڙيون، وڊيو گيمز، ورزش جا اوزار، ٻارڙن جا ڊائيپرز، سينيٽري ٽوال، زنده مرغي، مڇي، فريز مڇي، مڇي جا ڄار، تازي ۽ سڪل ڏونگي، ڪانجو، بادام، محفوظ ڪيل گوشت، پائن ايپل، رس وارا فروٽ، چيري، صندوق، سوٽ ڪيس، بريف ڪيس ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

ان کانسواءِ مردن ۽ ٻارڙن لاءِ اور ٽوٽن،جيڪٽس،ليڊيز سوٽس ۽ ٻين لاڳاپيل شين تي 5 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*