آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ٿيڻ گهرجن: ملـــيحه لوڌي

malia-lodhi

گڏيل قومن ۾ مقرر  پاڪستاني سفير ملـــيحه لوڌي چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ٿيڻ گهرجن.

نيويارڪ ۾ تقريب کي خطاب مليحه لوڌي چيو ته افغانستان ۾ سياسي ڌريون امن عمل ۾ رنڊڪ بڻيل آهن، جڏهن ته پائيدار استحڪام لاءِ امن ڳالهيون اڻٽر آهن.

هن چيو ته افغانستان ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرادار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغان حڪومت ۾ اندروني اختلاف ختم ٿيڻ گهرجن.

مليــــــحه لوڌي چيو ته مفاهمتي عمل سان دهشتگرد تنظيم داعش جي پکڙجڻ کي روڪڻ ممڪن هوندو، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته پاڪستان آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، امن عمل ۾ رنڊڪ بڻيل وڳوڙي ٽولن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته آپريشن عضب جي ڊپ کان افغانستان فرار ٿي ويل دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ٿيڻ گهرجي.

مليحه لوڌي وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغانستان ۾مستقل امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اجائي واويلا سان مسئلا حل ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿيندا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*