وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پئرس ڪانفرنس دوران ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاڻ اچي ساڻس هٿ ملايو

nawaz-in-piris

وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پئرس ڪانفرنس دوران ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاڻ اچي ساڻس هٿ ملايو ۽ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ٻئي ملڪ چاهين ٿا ته ڳالهيون بحال ٿين.

وزير اعظم نواز شريف پئرس ۾ ماحولياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد لنڊن پهتو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته پئرس ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي سان ٻنهي ملڪن ۾ بهتر لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پئرس ڪانفرنس دوران پاڻ هلي هن وٽ آيو ۽ پاڪ ڀارت ڳالهيون اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته هو سمجهن ٿا ته ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته معاملا ڳالهين وسيلي ئي حل ٿين.

نواز شريف جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف اثرائتو آپريشن ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ناهي ڪيو.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪنهن کان به مدد نه گهري آهي، پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي مهارت رکي ٿو.

ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران نواز شريف وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊ دوران هر تڪ تي نواز ليگ اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ها، ڪو به تڪ خالي نه ڇڏجي ها، 90 سيڪڙو نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.

وزير اعظم نواز شريف ٻڌايو ته پئرس ڪانفرنس دوران پئرس ۾ دهشتگردي جي ٿيل واقعن تي به ڳالهايو ويو، پاڪستان اهڙن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*