ايان علي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر لکت ۾ بيان جمع ڪرائيندي

ayan-ali23-11

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سپر ماڊل ايان علي اڄ راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ پيش ٿي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر لکت ۾ بيان جمع ڪرائي رهي آهي.

گذريل  ڏينهن راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب آڏو سپر ماڊل ايان علي پنهنجي ضمانتن سان گڏ پيش ٿي 20 لک رپين جا ٻه-ٻه ضمانتي مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرايا.

 عدالت ايان علي جي ضمانتي مچلڪن جي ڇنڊڇاڻ بعد کيس لکت واري بيان مان غلطيون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪسٽم عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته هو ڏچي ۾ اچي ويو آهي، نه پنهنجي لاءِ  مسئلا پيدا ڪيا وڃن ۽ نه ئي هن لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪيو وڃي.

لکت واري بيان ۾ غلطي هئڻ سبب ايان علي کي پاسپورٽ حوالي ڪرڻ وارو معاملو هڪ ڀيرو وري دير جو شڪار ٿي ويو آهي.

گذريل ٽن پيشين تي ايان علي کي پاسپورٽ ناهي ملي سگهيو، اڄ ٻيهر پيش ٿي لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*