سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ايڊز بابت جاڳرتا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

wold-aids-day

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ايڊز بابت جاڳرتا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، نيشنل ايڊز پروگرام موجب ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جو شڪار مريضن جو انگ 40 هزار آهي، گڏيل قومن ۽ آزاد ادارن جي رپورٽس موجب ايڊز جي مريضن جو انگ 97 هزار کان وڌيڪ آهي، مرض بابت کلي ڳالهائڻ کان شرم محسوس ڪرڻ سبب اصل انگ اکر سامهون نه ٿا اچن.

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ايڊز بابت جاڳرتا جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن تي مختلف شهرن ۾ سيمينار منعقد ڪري ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

نيشنل ايڊز پروگرام موجب 1986ع کان هن وقت تائين ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جا 40 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پر گڏيل قومن ۽ آزاد ادارن جي رپورٽس موجب ايڊز جي مريضن جو انگ 97 هزار کان وڌيڪ آهي.

اختيارين موجب مرض بابت کـُلي ڳالهائڻ کان شرم محسوس ڪرڻ سبب اصل انگ اکر سامهون نه ٿا اچن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*