“جو کيڙي سو کائي“ جو نظريو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت جي سالياني 307 هين سالياني عرس جون ٽئين ڏينهن واريون تقريبون جاري

jhuk-sharif-malo

“جو کيڙي سو کائي“ جو نظريو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت جي سالياني 307 هين سالياني عرس جون ٽئين ڏينهن واريون تقريبون جهوڪ شريف ۾ جاري آهن، اڄ صوفياڻي ڪچهري ۾ درگاهه جو گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري به شرڪت ڪندو، جڏهن ته سماءَ واري رسم سان گڏ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل به منعقد ڪئي ويندي.

صوفي شاهه عنايت جي سالياني عرس جون ٽيئن ڏينهن واريون تقريبون جهوڪ شريف ۾ جاري آهن، جنهن ۾ سنڌ جي 3 سئو کان وڌيڪ درگاهن جا گادي نشين ۽ فقير شريڪ آهن.

عرس جي ٽئين ڏينهن تي صوفي شاهه عنايت جو گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري به صوفياڻي ڪچهري ۾ شرڪت ڪندو.

ميلي جي ٽئين ڏينهن به سماءُ واري رسم ادا ڪئي ويندي، جنهن ۾بنا سوز ۽ ساز جي صوفياڻو راڳ ڳايو ويندو. جڏهن ته رات جو ٻيهر صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منقعد ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*