انگلينڊ سپر اوور ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ قومي ٽيم کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

pak-vs-Englend

انگلينڊ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ قومي ٽيم کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ انگلش ٽيم جي ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

انگلش ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽس جي نقصان تي 154رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾جيمز وينس 46، ڪرس ووڪس 37 ۽جئه روٽ 32رنز ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيا.

قومي ٽيم پاران سهيل تنوير ۽شاهد آفريدي ٻه-ٻه جڏهن ته شعيب ملڪ، عمر يامين ۽انور علي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 155رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون  ڪيون پر مقرره 20 اوور جي آخري بال تي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 154رنز اسڪور ڪيو ۽ اهڙي طرح ميچ ٽاءِ ٿي وئي.

قومي ٽيم پاران شعيب ملڪ 75، ڪپتان شاهد آفريدي 29 جڏهن ته محمد رضوان 24رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو.

احمد شهزاد 4، محمد حفيظ هڪ، عمر اڪمل 4، رفعت الله ٻڙي ۽ سهيل تنوير 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

انگلش ٽيم پاران ڊيوڊ ولي 3، جڏهن ته ڪرس ووڪس عادل راشد ۽معين علي هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو،جنهن ۾ ڪپتان شاهد آفريدي ۽ عمر اڪمل صرف 3رنز اسڪور ،جنهن کي انگلينڊ جي ٽيم پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري قومي ٽيم کي ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*