قومي ٽيم جا بيٽسمين اسڪولي ٻارن جيان رن آئوٽ ٿي رهيا آهن:وقار يونس

Waqar-younas

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته قومي ٽيم جا بيٽسمين اسڪولي ٻارن جيان رن آئوٽ ٿي رهيا آهن.

شارجه ۾ ميچ ۾انگليڊ هٿان شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي.

هن چيو ته رانديگر اهڙي طرح رن آئوٽ ٿي رهيا هئا،ڄڻ اسڪول جي ٽيم جي نمائندگي ڪندا هجن.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جا رانديگر انگلش ٽيم جي ڀيٽ ۾ ايترا فٽ نه آهن ۽ هو سليڪٽرز کان ان حوالي سان پڇندو ته آخري ڪيستايئن ايئن هلندورهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*