لنڊن جي عدالت نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر ڪرس ڪينز کي ڪوڙي بيان ڏيڻ واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

crise-gunz

لنڊن جي عدالت نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر ڪرس ڪينز کي ڪوڙي بيان ڏيڻ واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ پي ايل جي اڳوڻي چيف للت مودي ڪرس ڪينز مٿان ميچ فڪسنگ جا الزام مڙهيا هئا.

لنڊن جي ڪرائون ڪورٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي ٻڌڻي 9 هفتن تائين جاري رهي.

عدالت ثبوت نه هجڻ سبب اڳوڻي ڪيوي آلرائونڊر ڪرس ڪينز کي ڪوڙي گواهي ڏيڻ واري الزام مان بري ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ پي ايل جي اڳوڻي چيف للت مودي 2010 ۾ ڪرس ڪينز مٿان ميچ فڪسنگ جو الزام مڙهيو هو.

ڪيس جي مختلف ٻڌڻين دوران برينڊن ميڪيولم۽ رڪي پونٽنگ عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايا.

ڪرائون  ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرس ڪينز جو چوڻ هوته هو مڪمل سپورٽ ڪرڻ تي پنهنجي گهرڀاتين ۽ مداحن جو ٿورائتو آهي،جن جي دعائن سبب  ڪيس مان با عزت بري ڪيو ويو.

ڪرس ڪينزڪيس ۾ شاندار انداز سان دفاع ڪرڻ تي وڪيلن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

ڪرس ڪينز نيوزيلينڊ پاران 62 ٽيسٽ ميچز سان گڏ 215 ون ڊي ميچز ۾ نمائندگي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*