شهباز شريف فيصل آباد ۾ فائرنگ جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف فيصل آباد ۾ فائرنگ جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن کي تڪڙن بنيادن تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته فيصل آباد جي ماڻهن پي ٽي آءِ جي هڙتال کي ٿڏي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ وارن تشدد جي واٽ ورتي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف فيصل آباد ۾ ٿيل فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي انتظاميه کان هنگامي طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايتون جاري ڪيون آهن ته فائرنگ ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪري صورتحال تي ضابطو آندو وڃي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن ۽ زبردستي دڪان بند ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.

پنجاب حڪومت جي ترجمان ضعيم قادري چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا هڙتال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ تشدد تي لهي آيا آهن پر حڪومت به سندن خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ جيڪو به قانون هٿ ۾ کڻندو، اُن خلاف قانون موجب قدم کنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*