سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن بابت ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن بابت تڪبندين واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ناصر المُلڪ جي سربراهي ۾ قائم ٽه رُڪني بينچ مڪاني چونڊن بابت تڪبنديون ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي موقعي تي سنڌ حڪومت پاران ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل شفيع چانڊيو پيش ٿيو، جنهن تڪبندين بابت رپورٽ پيش ڪري عدالت کان ان سلسلي ۾ هڪ مهيني جي مهلت طلب ڪئي.

عدالت ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جي استدعا کي منظور ڪندي سنڌ حڪومت کي تڪبنديون مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*