اليڪشن ٽربيونل ڪراچي پاران نااهل قرار ڏنل نواب وساڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويو

 اليڪشن ٽربيونل ڪراچي پاران نا اهل قرار ڏنل پيپلز پارٽي جو ايم اين اي نواب وساڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي، جنهن اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نواب وساڻ جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿي، اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جي فيصلي کي چيلينج ڪيو.

اليڪشن ٽربيونل ڪراچي سيد غوث علي شاهه جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نواب وساڻ کي نا اهل قرار ڏنو هو ۽ هدايت ڪئي هئي ته سيد غوث علي شاهه جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

ياد رهي ته عام چونڊن دوران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 217 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 29 تي غوث علي شاهه جي مقابلي ۾ نواب وساڻ ۽ قائم علي شاهه اميدوار هئا، جن ڪاميابي ماڻي پر سيد غوث علي شاهه سندن ڪاميابي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو.

سيد غوث علي شاهه جو موقف هو ته اليڪشن ۾ وڏي پئماني تي سندس مخالف اميدوارن ڌانڌلي ڪئي، نواب وساڻ ته ذاتي طور فائرنگ به ڪئي، جنهن ۾ سندس ڪارڪن مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

اليڪشن ٽربيونل سيد غوث علي شاهه جي درخواست تي ثبوتن جي جائزي ۽ ڌرين جي بيانن کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ڇنڇر واري ڏينهن ٻڌايو، جنهن ۾ سيد غوث علي شاهه جي الزامن ۾ صداقت ثابت ٿيڻ تي نواب وساڻ کي نا اهل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته سيد قائم علي شاهه جي مٿان ترار اڃا لٽڪي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*