ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگوار برادري جي ماڻهن بخشاپور پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگوار برادري جي ماڻهن بخشاپور پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

ڀنگوار برادري جي ماڻهن جان محمد، ڀنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته بخشاپور پوليس نوجوان امان الله ڀنگوار کي ڊيوٽي اٽڪا ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد مٿس ڦرون ۽ اغوا جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته نوجوان ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي پوليس مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري لاڪب ڪيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي بخشاپور پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*